اسان جو پيارو رسول صه

اسان جو پيارو رسولصه (ڪتاب): هي ڪتاب 1994ع ۾ ’سنڌي ساهت سوسائٽي سنڌ- شڪارپور لاڙڪاڻن‘ طرفان ڇپجي پڌرو ٿيو. هي ڪتاب شيخ ابو الفتاح محمد بن محمد معروف جي تاليف ’نورالعيون في تلخيص سير الامين المامون‘ تان فقير ولي الله جي ترجمي ۽ وڌايل ڪتاب ’سرور المحزون في ترجمة نور العيون، جو سنڌي ترجمو آهي، جنهن کي عبدالرحمٰن جتوئي ۽ عبدالجبار عبد سنڌي ۾ ترجمو ڪيو آهي. ڪتاب جو مقدمو مشهور عالمِ دين مولانا محمد مراد هاليجويءَ لکيو آهي.ڪتاب جو موضوع نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي سيرت پاڪ آهي. ڪتاب جي ٻولي عام فهم ۽ آسان آهي ڪتاب جي آخر ۾ ضميمو به ڏنو ويو آهي. جنهن ۾ مولانا عبدالڪريم چشتيرحه جي تصنيف ’رتبهء رسول صلي الله عليه وسلم‘ کي شامل ڪيو ويو آهي ۽ قصيده برده شريف مان ڏهه چونڊ بيت سنڌي ترجمي سان ڏنا ويا آهن. 88 صفحن تي مشتمل، رنگين ۽ پڪي جلد سان ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب جي قيمت 20 روپيا ڄاڻايل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو